صورت سنڌي

صورت سنڌي: پير حسام الدين راشدي ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ لکي ٿو ته، هي صاحب هندو هو. سندس نالو صورت سنگهه هو پر مشهور صورت سنڌيءَ جي نالي سان هو. سندس اردو ديوان 1299هه/1881ع ۾ ڪراچيءَ جي ‘وديا ونود’ نالي ڇاپخاني مان ’ پريم تت‘ جي نالي سان شايع ٿيو هو. انهيءَ اردو ديوان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ منظوم تقريظ هڪ ٻئي اردو جي شاعر منشي ڀيمچند جي لکيل آهي. انهيءَ منظوم تقريظ جا چند بيت هت پيش ڪجن ٿا:
به گلزار بي خار صورت بهار،
کهلين جس مين معنيٰ ڪي غنچي هزار،
شگفته هين گل اس مين رنگين هزار،
کئي بلبلين اس په هوتين نثار.
صورت سنگهه پنهنجي ديوان ۾ غزلن قصيدن ۽ مثنوين کي هندستاني راڳن جي طرز تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر هنڌ هندي راڳن ڏانهن اشارا به ڪيا اٿس. صورت سنگهه جي سنڌي ديوان ۾ فارسي ۽ سنڌي ڪلام موجود آهي. صورت سنگهه پنهنجي اردو ديوان ۾ جهوڪ جي صوفي بزرگ شاهه عنايت جي مدح ۾ پڻ هڪ قصيدو چيو آهي، جنهن جا چند بندهت پيش ڪجن ٿا:خدا ڪا پيار هي محبوب يا رب مولا،عجب هي صوفي سلطان صاحب دولا.
جس نگاه مين آتي هين نور ڪي شعلي،
جس ڪي جسم مين الله ڪي عشق ڪا اولا.
بشر عنايت الله و قلندر هي،
شھ شهيد شهادت کا مرتبا پايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو